حسن باغبان جو مقبرو

حسن باغبان جو مقبرو: سومرا دور جي هن بزرگ باغبان جو مقبرو'>حسن باغبان جو مقبرو ساماري شهر ويجهو ديهه باغبان ضلعي عمرڪوٽ ۾ هڪ وڏي ڀڙي تي آهي. ڀڙي کي ’مارل جو ڪوٽ‘ يا ’مارئي جو ڪوٽ‘ سڏيو وڃي ٿو. مقبرو پڪسرو آهي. مستطيل رٿ ۾، 50 فوٽ ڊگهو، 14 فوٽ ويڪرو ۽ 9 فوٽ اوچو آهي. مقبري اندران توڙي ٻاهران چن جو پلستر ٿيل آهي.
روايت موجب شاهه عبداللطيفرح هن علائقي ۾ ڪافي وقت رهڻ سان گڏ، مذڪوره بزرگ جي مقبري تي ويهي چلو به ڪڍيو هو. بزرگ جي ڏهاڙي تي سماع جون محفلون مچائي صوفياڻي راڳ جو رواج پڻ وڌو. اهو سماع جو رواج ناري پٽ جي صرف هن درگاهه تي آهي. بزرگ حسن باغبان جا مجاور فقير چاوڙا آهن. جيڪي سڀئي لطيفي راڳ کان واقف آهن ۽ هر سال ميلي جي موقعي تي يا ڪن ٻين اهم ڏهاڙن تي باقائده لطيفي راڳ جي محفل ڪندا آهن.


لفظ حسن باغبان جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو